اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس جي استنبول ۾ ميزباني ڪرڻ تي ترڪ پرڏيهي وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اجلاس …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، مڪه دفاعي اتحاد جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس جي استنبول ۾ ميزباني ڪرڻ تي ترڪ پرڏيهي وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اجلاس ۾ طئي ٿيل مفاهمت تي عمل درآمد جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مڪه دفاعي اتحاد جي تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.












