نائب وزيراعظم جي ناروي جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ناروي جي فرمانروا بادشاهه هيرالڊ پنجم جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران ناروي جي فرمانروا بادشاهه هيرالڊ پنجم جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پنهنجي ۽ پاڪستان جي عوام طرفان ناروي جي فرمانروا بادشاهه هيرالڊ پنجم جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان پاڪستان جي همدردي جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي اوسلو ۾ ٿيندڙ آخري رسمن جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.