اسلام آباد - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي قومي سلامتي جي وزير اتمار بن گوير ۽ اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز پاران غزه جي پٽي مان فلسطيني عوام جي بيدخلي بابت ڏنل بيانن خاص طور تي فلسطينين کي سندن ڌرتي تان جبري طور بي دخل ڪرڻ جي منصوبن ۽ طريقيڪار بابت تجويزن جي …
پاڪستان سميت اهم ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اسرائيلي قومي سلامتي جي وزير جي غزه پٽي مان فلسطيني عوام جي بيدخلي بابت بيانن جي مذمت
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي قومي سلامتي جي وزير اتمار بن گوير ۽ اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز پاران غزه جي پٽي مان فلسطيني عوام جي بيدخلي بابت ڏنل بيانن خاص طور تي فلسطينين کي سندن ڌرتي تان جبري طور بي دخل ڪرڻ جي منصوبن ۽ طريقيڪار بابت تجويزن جي سخت مذمت ڪئي آهي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب 8 اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ ان قسم جي چڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ تجويزن، عالمي قانون سميت، عالمي انساني قانون جي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي ۽ فلسطيني عوام جي جائز حق لاءِ سڌي ريت خطرو آهي. پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام کي ڪنهن به بهاني يا جواز تحت والاريل فلسطيني ڌرتي اندر يا ٻاهر بيدخل ڪرڻ جي ڪوششن ۽ منصوبن کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. هنن خبردار ڪيو ته جبري بيدخلي جي مطالبن کي باقاعده پاليسي يا فلسطينين کي سندن ڌرتي تان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عملي قدمن کي تبديل ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا. هنن چيو ته اهڙي طرح جا قدم امن حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن خاص ڪري صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي لاءِ سڌي ريت چئلينج آهي جنهن ۾ جبري بيدخلي کي واضح طور رد ڪيو ويو آهي. اهڙا قدم خطي ۾ استحڪام جي امڪانن کي شديد نقصان پهچائن جو خطرو رکن ٿا. هنن زور ڀريو ته غزه پٽي، والاريل فلسطيني سرزمين جو اڻٽٽ حصو آهي. هنن غزه جي پٽي ۽ اولهندي ڪناري سميت اوڀر بيت المقدس تي ٻڌل فلسطيني سرزمين جي اتحاد کي برقرار رکڻ جي اڻٽر ضرورت تي زور ڀريو آهي. هنن ان عزم کي ورجايو ته منصفاڻو ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جو اڪيلو رستو ٻه رياستي حل تي عملدرآمد آهي، جنهن تحت 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جنهن جو قادي وارو هنڌ اوڀر بيت المقدس هجي، هي قدم عالمي قانوني حيثيت بابت ٺهرائن موجب هجي، پرڏيهي وزيرن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي، ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ والاريل فلسطيني سرزمين ۾ نئين آبادياتي يا جاگرافيائي حقيقت مڙهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو مضبوطي سان مقابلو ڪري جڏهن ته عالمي قانون جي اصولن ۽ قاعدن جو احترام يقيني بڻائي. هنن فلسطيني عوام جي پنهنجي سرزمين تي ثابت قدمي لاءِ پنهنجي مڪمل ۽ مسلسل حمايت کي ورجايو ۽ فلسطيني مسئلي کي ختم ڪرڻ يا فلسطيني عوام جي جائز حقن کي ڪمزور ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو.












