راولپنڊي- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ 3 کان 5 سيپٽمبر 2026ع تائين مختلف آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 21 خوارجي ماريا ويا. آءِ ايس پي آر طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق 31 آگسٽ / پهرين سيپٽمبر 2026ع جي رات اتر وزيرستان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي کانپوءِ علائقي ۾ لِڪيل وڌيڪ 10 …
خيبرپختونخواهه ۾ 3 کان 5 سيپٽمبر تائين آپريشنز دوران فتنه الخوارج جا 21 دهشتگرد ماريا ويا: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ 3 کان 5 سيپٽمبر 2026ع تائين مختلف آپريشنز دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 21 خوارجي ماريا ويا. آءِ ايس پي آر طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز مطابق 31 آگسٽ / پهرين سيپٽمبر 2026ع جي رات اتر وزيرستان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي کانپوءِ علائقي ۾ لِڪيل وڌيڪ 10 خوارجين کي ماري ڇڏيو جنهن سان دراندازي جي ڪوشش ۾ مارجي ويل خوارجين جو ڪُل انگ وڌي 25 ٿي ويو. وڌيڪ اتر وزيرستان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد سان هڪ ٻئي مقابلي ۾ خوارجين جي هڪ گروپ جي چُرپُر کي سيڪيورٽي فورسز پڪتو ۽ اثرائتي طريقي سان ڪارروائي ڪندي 7 خوارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مطابق گڏيل ڪارروائين دوران ڪوهاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي ضلعن ۾ ٻن مختلف مقابلن ۾ اثرائتي طريقي سان وڌيڪ 4 خوارجين کي ماريو ويو. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سرحد سان وري وري ٿيندڙ انهن واقعن هڪ ڀيرو ٻيهر افغان طالبان حڪومت طرفان سرحد پار دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين کي دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي ۾ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ناڪامي جي حوالي سان پاڪستان جي مستقل موقف جي تصديق ڪئي آهي. افغان طالبان جي حڪومت اثرائتي بارڊر مئنيجمنٽ کي يقيني بڻائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پختي ۽ پر عزم آهي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ويزن عزم استحڪام (جنهن جي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان سپريم ڪميٽي طرفان منظوري ڏني وئي آهي) تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مهم ذريعي علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي اسپانسرڊ خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي خطري ۽ غير ملڪي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي مهم کي پوري قوت سان جاري رکي سگهجي.












