اسلام آباد/ نارووال - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ايڪيهين صدي ۾ وطن جي دفاع جو تصور صرف سرحدن جي حفاظت تائين محدود نه رهيو، مضبوط معيشت، جديد ٽيڪنالاجي، باصلاحيت انساني سرمايو، توانائي، آبي تحفظ، موثر ادارا ۽ قومي يڪجهتي پڻ قومي سلامتي جا بنيادي ٿنڀ آهن. پاڪستان کي پنهنجي عسڪري قوت سان پنهنجي جامع قومي …
شهيدن سرحدن تي پاڪستان جي خودمختياري جو دفاع ڪيو، اسان کي معيشت، علم ۽ ٽيڪنالاجي جي محاذن تي ان کي مضبوط بنائڻ آهي: احسن اقبال
اسلام آباد/ نارووال – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ايڪيهين صدي ۾ وطن جي دفاع جو تصور صرف سرحدن جي حفاظت تائين محدود نه رهيو، مضبوط معيشت، جديد ٽيڪنالاجي، باصلاحيت انساني سرمايو، توانائي، آبي تحفظ، موثر ادارا ۽ قومي يڪجهتي پڻ قومي سلامتي جا بنيادي ٿنڀ آهن. پاڪستان کي پنهنجي عسڪري قوت سان پنهنجي جامع قومي طاقت کي مضبوط بڻائڻو پوندو ته جيئن ملڪي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقي کي پائيدار بنياد فراهم ڪري سگهجن. آچر ڏينهن نارو وال ۾ يوم دفاع پاڪستان جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي وفاقي وزير شهيدن ۽ غازين کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن پنهنجو اڄ قوم جي سڀاڻي لاءِ قربان ڪيو ۽ انهن جي ڪٽنبن جي قربانين تي پوري قوم قرضي آهي. هن چيو ته شهيد صرف پنهنجي جان قربان نٿو ڪري ان جو پورو خاندان وطن جي نالي تي قرباني ڏئي ٿو. هن چيو ته 1965ع ۾ قوم اتحاد، عزم ۽ قرباني ذريعي دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا. اڄ جنگ جو ميدان بدلجي چڪو آهي، هاڻي زميني، فضائي ۽ سامونڊي سرحدن سان گڏوگڏ سائبر دنيا، مصنوعي ذهانت، بنا پائليٽ نظام خلائي ٽيڪنالاجي، برقي جنگ، اطلاعاتي محاذ به قومي دفاع جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي مصنوعي ذهانت، سائبر تحفظ، خلائي علم، روبوٽڪس، ڪوانٽم ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اڀرندڙ سائنسي شعبن ۾ صرف صارف نه پر ٽيڪنالاجي تخليق ڪندڙ ملڪ بڻجڻو پوندو، ان لاءِ تعليمي ادارا، تحقيقي مرڪز، دفاعي ادارن، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ترقي جي شعبي کي تحقيق ۽ جدت جي هڪ مربوط قومي نظام ۾ جوڙڻو پوندو. وفاقي وزير معاشي خودمختياري کي قومي سلامتي جو اڻٽر گهر قرار ڏيندي چيو ته ڪمزور معيشت سان قومي خودمختياري کي ڊگهي مدي تائين برقرار نٿو رکي سگهجي. قرضن تي مسلسل دارومدار گهٽ، پيداواري صلاحيت ۽ محدود روانگي واپار ڪنهن به ملڪ جي آزاداڻي قومي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جي ايندڙ وڏي جدوجهد معاشي خودمختياري جي جدوجهد آهي ۽ ان جو پائيدار رستو روانگي واپار جي قيادت ۾ معاشي ترقي آهي، پاڪستان کي قرض ۽ کپت تي ڀاڙڻ واري پراڻي معاشي اوسر مان نڪري پيداوار، پيداواري صلاحيت، سيڙپڪاري، جدت ۽ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت بڻائڻو پوندو. هن چيو ته روانگي واپار وڌائڻ نه صرف واپار واري وزارت يا روانگي واپار ڪندڙن جي ذميواري نه پر ان کي پوري حڪومت ۽ پوري قوم جو گڏيل مشن بڻائڻو پوندو، جنهن سنجيدگي ۽ تسلسل سان مالياتي ۽ محصولن جي هدفن جو جائزو ورتو وڃي ٿو. اهڙي طرح روانگي واپار جا هدف به اعليٰ ترين سطح تي مسلسل نگراني جي گهر ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪا قوم دنيا کي وڌيڪ قدر ۽ قيمت جي شين ۽ خدمتن کي وڪرو ڪري ٿي اها عالمي نظام ۾ وڌيڪ معاشي ۽ تزويراتي اختيار حاصل ڪري ٿي. وفاقي وزير نوجوانن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته نوجوان آبادي ان وقت قومي طاقت بڻجي سگهي ٿي جڏهن ان کي معياري تعليم، بهتر صحت، جديد هنر، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ميسر هجن. هن چيو ته هر ٻار کي اسڪول پهچائڻ، هر نوجوان کي روزگار جي قابل بڻائڻ، هنر ڏيڻ ۽ پاڪستان جي بهترين ذهنن کي تحقيق ۽ جدت جا موقعا پيدا ڪرڻ صرف سماجي شعبي جي ذميواري نه پر قومي سلامتي ۾ سيڙپڪاري آهي. هن چيو ته مستقبل جا خطرا صرف عسڪري قسم جا نه هوندا، موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، غذائي عدم تحفظ، درآمدي توانائي تي دارومدار به قومي سلامتي جا وڏا چئلينج بڻجي رهيا آهن. پاڪستان کي پاڻي جي موثر استعمال، موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ، زراعت، غذائي تحفط ۽ توانائي ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ کي به پنهنجي ڊگهي مدي جي قومي منصوبا بندي جو بنيادي حصو بڻائڻو پوندو. هن يوم دفاع جي موقعي تي پاڪستان جي 7 نقاطي قومي طاقت ۽ استحڪام جو لائحه عمل پيش ڪيو. هن چيو ته دفاعي ۽ فني برتري لاءِ روائتي ۽ تزويراتي صلاحيت کي مضبوط رکڻ سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت، سائبر تحفظ، خلائي ٽيڪنالاجي ۽ بنا پائيلٽ نظام روبوٽڪس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۾ مقامي صلاحيت پيدا ڪئي وڃي، روانگي واپار هنگامي پروگرام جي مناسبت سان قومي معاشي ترجيح بڻايو وڃي. وڏن شعبن جي واضح ۽ قابل پيمائش روانگي هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهن هدفن جي اعليٰ ترين حڪومتي سطه تي باقاعده نگراني ڪئي وڃي، انساني سرمائي جي قومي هنگامي حڪمت عملي تحت هر ٻار کي تعليم، هر نوجوان کي جديد هنر ۽ باصلاحيت کي نوجوانن کي سائنس، تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، توانائي، پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ درآمدي توانائي تي دارومدار گهٽايو وڃي، مقامي ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏني وڃي، پاڻي جي استعمال جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت کي قومي ترجيح بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ پيداوار کي هٿي وٺائڻ لاءِ جن شين کي پاڪستان چٽاڀيٽي جي بنيادن تي تيار ڪري سگهي ٿو، ان جي مقامي پيداوار کي هٿي ڏني وڃي ۽ صنعت، زراعت، معدنيات ۽ ٽيڪنالاجي کي عالمي پيداواري ۽ واپاري زنجيرن سان جوڙيو وڃي، اداره جاتي ۽ انتظامي سڌارن لاءِ ميرٽ، جوابدهي انگن اکرن تي ٻڌل فيصلا سازي، پاليسين جي تسلسل ۽ موثر عملدرآمد کي رياستي نظام جو بنيادي معيار بڻايو وڃي. قومي يڪجهتي لاءِ سياسي ويڇن کي قومي ورڇ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ڪوڙين اطلاعن ۽ نفرت انگيزي جو مقابلو ڪيو وڃي پاڪستان جي بنيادي دفاعي معاشي ۽ ترقياتي هدفن تي گهٽ ۾ گهٽ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته اهي 7 نقطا ڪنهن هڪ وزارت، حڪومت يا ادري جي ايجنڊا ناهن پر پاڪستان جي قومي ايجنڊا هئڻ گهرجي. هن چيو ته قومي ترقي کي چونڊن جي دور کان مٿانهون ڪرڻو پوندو، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ڊگهي مدي جي پاليسين جي تسلسل کان سواءِ وڏي معاشي ۽ فني طاقت نٿو بڻجي سگهي. پاڪستان جي بنيادي، معاشي، دفاعي ۽ ترقياتي هدفن تي اهڙو قومي اتفاق راءِ گهربل آهي، جيڪو حڪومتن جي تبديلي باوجود برقرار رهي.












