قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي جڏهن سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏجي وزن جي دفاع ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو. قانون …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ يوم دفاع ۽ شهداءُ جي موقعي تي پاڪستان جي هٿياربند فوج، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي جڏهن سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏجي وزن جي دفاع ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان جاري خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن غير معمولي شجاعت، عزم ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جي بهادري اسان جي قومي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي. هن چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جي قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي سموري قوم عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي، شهيدن جي خاندانن جي قربانين، حوصلي ۽ استقامت کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ به پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ دفاع لاءِ ڀرپور عزم سان پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهي آهي، موجوده عسڪري قيادت ۽ پاڪستان جي فوج جي پيشيوراڻيون صلاحيتون ۽ ملڪي دفاع لاءِ خدمتون تحسين جوڳيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن تي يقين رکي ٿو، پر ملڪي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ تي سموري قوم متحد ۽ پرعزم آهي. هن چيو ته قومي يڪجهتي، جمهوري قدرون، قانون جي حڪمراني ۽ مضبوط ادارا پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهن، شهيدن جي قربانين مان رهنمائي وٺندي اسان کي مضبوط، خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي، غازين جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام لاءِ دعا به ڪئي.