سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ٽياڪڙي عدالت جو فيصلو پاڪستان جي وڏي قانوني ۽ سفارتي ڪاميابي آهي: راڻا مشهود احمد خان

لاهور- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا عظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان عالمي ٽياڪڙي عدالت جي گڏيل فيصلي کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي ان کي پاڪستان جي آبي ۽ سفارتي موقف کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي نه صرف پاڪستان جي آبي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانوني پوزيشن کي مضبوط …

لاهور- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا عظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان عالمي ٽياڪڙي عدالت جي گڏيل فيصلي کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي ان کي پاڪستان جي آبي ۽ سفارتي موقف کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي نه صرف پاڪستان جي آبي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانوني پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي پر عالمي معاهدن جي پاسداري، عالمي قانون جي بالادستي ۽ رياستن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن جي احترام جي اصولن کي پڻ مضبوط ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عالمي عدالت جي فيصلي ان ڳالهه کي واضع ڪيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي پنهنجي مرضي سان هڪ طرفي طور تي معطل يا ختم ڪرڻ جو اختيار نه ٿو رکي. اهو معاهدو هاڻي به قانوني اعتبار جي لحاظ کان مڪمل طور تي عمل جوڳو آهي ۽ ڀارت تي ان جي پابندي لازم آهي. رانا مشهود خان چيو ته اهو فيصلو ان بنيادي اصول جي پڻ توثيق ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل عالمي معاهدن کي ڪنهن به هڪ ڌر پاران هڪ طرفي قدم ذريعي ختم يا غير اثرائتو نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان سان عالمي سطح تي اسان جي ان موقف کي پذيرائي ملي ته سنڌ طاس معاهدي کي ان جي اصل روح ۽ قانوني فريم ورڪ مطابق برقرار رکڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاران ماضي ۾ پڻ سنڌ طاس معاهدي کي معطل يا ختم ڪرڻ لاءِ مختلف سبب پيش ڪيا ويندا رهيا آهن جڏهن ته عالمي ٽياڪڙي عدالت هميشه انهن سببن کي نه مڃيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدو صرف ٻه طرفو معاهدو نه پر ملڪ جي آبي تحفظ، زرعي معيشت ۽ عوامي مفادن سان سڌي ريت جڙيل معاملو آهي. هن چيو ته ان فيصلي سان اهو اصول پڻ وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي ته عالمي معاهدن ۽ ان تحت حاصل حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هميشه عالمي قانون، طئي ٿيل معاهدن ۽ پر امن ڳالهين جي عمل تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جو موقف هميشه اهو رهيو آهي ته تڪرار کي طاقت يا هڪ طرفي قدمن بدران قانون، ڳالهين ۽ گڏيل اتفاق راءِ ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي قانون ۽ معاهدن جي پاسداري خطي ۾ پائيدار امن، گڏيل اعتماد ۽ سهڪار لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي آبي حقن جي دفاع لاءِ قانوني ۽ سفارتي ذريعن جو استعمال ڪندي ان معاملي تي پنهنجي قومي مفادن جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻائيندو.