اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه چيو آهي ته اسان شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا ۽ انهن جي قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي، وزارت پاران 06 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين کي قوم هميشه يار رکندي. هٿياربند فوج جي بهادري ۽ پيشوراڻين …
شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو: شزه فاطمه خواجا
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه چيو آهي ته اسان شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا ۽ انهن جي قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي، وزارت پاران 06 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين کي قوم هميشه يار رکندي. هٿياربند فوج جي بهادري ۽ پيشوراڻين صلاحيتن تي قوم کي فخر آهي. معرڪه حق ۾ اسان جي فوج فيلڊ مارشل جي اڳواڻي ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. شزه فاطمه خواجا چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو سفر ڪاميابي سان جاري آهي.












