اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ ۾ عزم، بهادري ۽ بي مثال قربانين جي علامت آهي. سيڙپڪاري بورڊ مان يوم دفاع جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين جون قربانيون پاڪستان لاءِ عظيم قومي سرمايو آهن، وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي …
ڇهه سيپٽمبر قومي تاريخ ۾ عزم، بهادري ۽ بي مثال قربانين جي علامت آهي: قيصر احمد شيخ
اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ ۾ عزم، بهادري ۽ بي مثال قربانين جي علامت آهي. سيڙپڪاري بورڊ مان يوم دفاع جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيدن ۽ غازين جون قربانيون پاڪستان لاءِ عظيم قومي سرمايو آهن، وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ته 1965ع ۾ پاڪ فوج ۽ قوم اتحاد ۽ يڪجهتي سان دشمن جي ادارن کي مٽيءَ ۾ ملايو، فوج جي شجاعت، جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته يوم دفاع اسان جي قومي، اتحاد، نظم و ضبط ۽ وطن سان وفاداري جو درس ڏئي ٿو، پاڪستان جي خودمختاري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. قيصر احمد شيخ چيو ته مضبوط معيشت ۽ مستحڪم پاڪستان شهيدن جي عظيم مشن کي اڳتي واڌائڻ جو ذريعو آهي، شهيدن جي خوابن جي تڪميل لاءِ پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻاڻو هوندو. وفاقي وزير چيو ته ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پوري قوم کي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اڄ جي ڏينهن عهد ڪريون ٿا ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين جي لازوال قرباني اسان کي پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ وڌيڪ عزم عطا ڪري ٿي.












