بدين- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس بدين پاران پوليس لائن بدين ۾ شوٽنگ بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي فائنل مقابلي ۾ محبوب ڪلب حيدرآباد شاندار راند جو مظاهرو ڪندي بدين پوليس جي ٽيم کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ميچ جي تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان ضلعي انفارميشن سيڪريٽري …
بدين ۾ پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس پاران شوٽنگ بال ٽورنامينٽ منعقد
بدين- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) بدين ۾ پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس بدين پاران پوليس لائن بدين ۾ شوٽنگ بال ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي فائنل مقابلي ۾ محبوب ڪلب حيدرآباد شاندار راند جو مظاهرو ڪندي بدين پوليس جي ٽيم کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ميچ جي تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان ضلعي انفارميشن سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي پير وقار شاهه جيلاني چيو ته راندين جا ميدان آباد ڪرڻ سان صحتمند معاشرو جنم وٺندو آهي، جڏهن ته نوجوان نسل کي سماجي براين ۽ ناڪاري سرگرمين کان پري رکڻ جو بهترين ذريعو راندين جا ميدان آباد ڪرڻ آهي. هن چيو ته راندين سان نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني نشونما بهتر ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ نظم و ضبط، برداشت، مقابلي جي جذبي ۽ ٽيم ورڪ جون صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون، هن فاتح ٽيم محبوب ڪلب حيدرآباد جي ڪپتان محبوب علي سولنگي ۽ سندس سموري ٽيم کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ۽ رنر اپ بدين پوليس جي ٽيم جي ڪپتان عبدالوقاص آرائين ۽ سندس ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪارڪردگي شاندار ۽ ڏسڻ وٽان هئي، رانديگرن پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري شائقين کي دلچسپ مقابلو ڏنو پير وقار شاهه جيلاني چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران نوجوانن کي راندين جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته تعليم هجي يا راند، سنڌ کي هر شعبي ۾ اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن چيو ته سنڌ کي ترقي يافته ۽ خوشحال بڻائڻ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو به اهو ئي ويزن آهي ته نوجوانن کي تعليم ۽ راندين جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن ان موقعي تي ضلعي اسپورٽس آفيسر انور علي روشن چيو ته صوبائي وزيرِ راندين جي ڪوششن سان سڄي سنڌ جيان ضلعي بدين ۾ پڻ مختلف راندين جا مقابلا باقاعدگي سان منعقد ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيس بدين پاران شوٽنگ بال، ڪرڪيٽ، فٽبال، ملاکڙو، ونجهه وٽي، ٽيبل ٽينس، گلين ۾ کيڏيون ويندڙ لاٽون ۽ بلور سميت انڊور ۽ آئوٽ ڊور مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا وڃن ٿا، جنهن جو مقصد نوجوانن کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ آهي ٽورنامينٽ جي پُڄاڻي واري تقريب ۾ اسسٽنٽ اسپورٽس آفيسر عبدالرزاق خاصخيلي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سرفراز سمون، انسپيڪٽر عاشق علي ميمڻ، عبدالرحيم کٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، رانديگرن، راندين سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا.












