آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

واشنگٽن- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر فريسنو ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق شيرف جي آفيس طرفان بيان ۾ ٻڌايو ويو ته امدادي ڪارڪنن سان جوڪوئن دريا جي ڪناري موجود هڪ بلند هنڌ تي هڪ انجڻ واري ننڍي جهاز کي باهه جي وڪوڙ ۾ ڏٺو. فائر فائٽرز جهاز تي …

واشنگٽن- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر فريسنو ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق شيرف جي آفيس طرفان بيان ۾ ٻڌايو ويو ته امدادي ڪارڪنن سان جوڪوئن دريا جي ڪناري موجود هڪ بلند هنڌ تي هڪ انجڻ واري ننڍي جهاز کي باهه جي وڪوڙ ۾ ڏٺو. فائر فائٽرز جهاز تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ۽ ان کي ويجهن گهرن تائين پهچڻ کان روڪيو.