جمهوريه ڪانگو ۾ شادي جي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب 22 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪنشاسا- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو جي گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ شادي جي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميونسپلٽي لنگوالا جي سربراهه صحافين کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو واقعو هڪ عمارت ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن اتي شادي جي تقريب جاري هئي. هن ٻڌايو ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، …

ڪنشاسا- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو جي گادي واري شهر ڪنشاسا ۾ شادي جي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميونسپلٽي لنگوالا جي سربراهه صحافين کي ٻڌايو ته باهه لڳڻ جو واقعو هڪ عمارت ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن اتي شادي جي تقريب جاري هئي. هن ٻڌايو ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پر فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي اختياريون واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن.