اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وطن جي بقاءَ ۽ ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج هر وقت تيار آهي. يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پاڪ فوج، ملڪ جي سلامتي، خودمختاري ۽ بقاءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جو هر جوان وطن جو محافظ آهي ۽ اسان ان جي بقاءَ ۽ …
وطن جي بقاءَ ۽ ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج هر وقت تيار
اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وطن جي بقاءَ ۽ ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج هر وقت تيار آهي. يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پاڪ فوج، ملڪ جي سلامتي، خودمختاري ۽ بقاءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جو هر جوان وطن جو محافظ آهي ۽ اسان ان جي بقاءَ ۽ سلامتي جا امين آهيون. اسان ان ڌرتي جي سرحدن جا امين آهيون ۽ ان جا حال ۽ مستقبل جا خير خواه آهيون. پاڪ فوج چيو ته تاريخ گواه آهي جڏهن به دشمن سامهون آيو ته پاڪ فوج سينو تاڻي پاڪستان جي حفاظت کي مقدم رکيو، وطن سان عشق ۾ پاڪ فوج هر ذميواري نڀائي ۽ پاڪستاني هجڻ تي هميشه دل سان فخر ڪيو. پاڪ فوج چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ عوام هن ڌرتي جي خوابن ۽ قوم جي اميدن کي متحد ٿي اڳتي وڌائيندا. يوم دفاع جي موقعي تي وطن جي محافظن محنت ۽ اتحاد سان پاڪستان کي منزل مقصود تائين پهچائڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو.












