نجي شعبي کي پاليسي سازي ۾ شريڪ ڪرڻ حڪومت  جي ترجيح آهي: بلال اظهر ڪياني

لاهور - 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت نجي شعبي کي پاليسي سازي ۾ موثر طور شامل ڪرڻ، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ معيشت ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته لاهور ملڪي معيشت جو اهم مرڪز …

لاهور – 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت نجي شعبي کي پاليسي سازي ۾ موثر طور شامل ڪرڻ، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ معيشت ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته لاهور ملڪي معيشت جو اهم مرڪز آهي ۽ لاهور ۽ ڀرپاسي جو ڪاروبار، صنعتن جي ٽيڪس وصولي، روزگار ۽ روانگي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.  ڪاروباري برادري سان حڪومت جو مستقل رابطو اڳتي به جاري رهندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت گذريل هڪ سال دوران چيمبرز ۽ ڪاروباري طبقن سان رابطا وڌايا آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪاروباري برادري جا مسئلا ٻڌي ۽ سمجهي ۽ انهن جي حل لاءِ وقت سر قدم کڻي. پاليسي سازي ۾ نجي شعبي جي تجويزن کي شامل ڪيو پيووڃي ته جيئن زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي موثر پاليسيون بڻايون وڃن. بلال اظهر ڪياني چيو ته موجوده بجيٽ جي تياري دوران وزيراعظم نجي شعبي جي نمائندن سان مشاورت ڪئي ۽ مختلف ورڪنگ گروپ جوڙيا، انهن گروپس ٽيڪس، توانائي، صنعتي ترقي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان تجويزون ڏنيون جن کي بجيٽ سازي ۾ اهميت ڏني وئي. هن چيو ته بجيٽ ۾ 15 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ تائين سالياني آمدني وارن ڪاروبارن لاءِ سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايڪسپورٽرز لاءِ به سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. 50 ڪروڙ کان وڌيڪ سالياني آمدني رکندڙ ڪاروبارين لاءِ سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽرز جي ايڪسپورٽ پروسيجرز  تي پهرين 2 سيڪڙو ڪٽوتي ٿيندي هئي، جنهن ۾ هڪ سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ هڪ سيڪڙو گهٽ ۾ ٽيڪس شامل هئا. بجيٽ ۾ انهن ڪٽوتين کي گهٽ ڪري 1.25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هن چيو ايڪسپورٽرز جا مسئلا وقت سر حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي ڪراچي، فيصل آباد، لاهور ۽ سيالڪوٽ سميت وڏن روانگي واپار جي مرڪزن ۾ ايڪسپورٽرز فيسليٽيشن ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. انهن ڪميٽين ۾ ايڪسپورٽرزجا نمائندا پڻ شامل آهن. جڏهن ته ايف بي آر عملدارن کي ڪاروباري برادري سان سڌي ريت ۽ موثر رابطا رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ سرچارج به ختم ڪئي وئي آهي، ان جي بورڊ ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اهي قدم نجي شعبي جي قدمن جي روشني ۾ ڪيا ويا آهن. هن ننڍن دڪاندارن لاءِ متعارف ڪرايل ٽيڪس اسڪيم جو ذڪر ڪندي چيو ته 20 ڪروڙ يا ان کان گهٽ آمدني رکندڙن دڪاندارن هن اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. اها اسڪيم اختياري آهي ۽ موجوده فائيلرز ۽ نان فائيلرز ٻنهي لاءِ دستياب آهي. هن چيو ته هن اسڪيم تحـت دڪاندار پنهنجي ڊڪليئر ڪيل سيلز جو هڪ سيڪڙو حتمي ٽيڪس طور ادا ڪندو. جڏهن ته وڌ هولڊنگ ٽيڪس ايڊجسٽمينٽ جي سهولت پڻ موجود هوندي، جڏهن ته فائيلنگ وقت گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا جمع ڪرائڻا پوندا. مملڪتي وزير چيو ته اسڪيم ۾ شامل دڪاندارن جو عام  طور آڊٽ نه ٿيندو جڏهن ته جيڪڏهن ڪنهن ڪيس ۾ اثاثن ۽ ظاهر ڪيل آمدني وچ ۾ وڏو فرق سامهون آيو ته ڪارروائي ڪري سگهجي.