پاڪستان ۽ چين جو ميڊيا تعاون ايشيا پيسيفڪ ۾ گڏيل خوحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي: ڊاڪٽر شذره منصب علي خان کرل

شينزن - 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات بابت ڪوآرڊينيشن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان کر پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايشيا پيسيفڪ خطي ۾ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ ميڊيا جي تعاون جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ڇنڇر ڏينهن ايشيا پيسيفڪ ميڊيا فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته جٽادار حصيداري نه صرف روڊن، بندرگاهن، …

شينزن – 05 سيپٽمبر (اي پي پي)  موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات بابت ڪوآرڊينيشن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر شذره منصب علي خان کر پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايشيا پيسيفڪ خطي ۾ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ ميڊيا جي تعاون جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ڇنڇر ڏينهن ايشيا پيسيفڪ ميڊيا فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته جٽادار حصيداري نه صرف روڊن، بندرگاهن، سيڙپڪاري پر گڏيل ڪهاڻين، اعتماد، گڏيل افهام تفهيم تي قائم ڪئي وئي آهي. فورم جي ميزبان سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پبلسٽي ڊپارٽمينٽ پاران ڪئي وئي. ڊاڪٽر شذره منصب علي پرڏيهي نيوز ايجنسي ۽ ايشيا پيسيفڪ ميڊيا فورم جي سيڪريٽريٽ کي سڄي ايشيا پيسيفڪ مان وزيرن، پاليسي سازن، ميڊيا ليڊرن، صحافين، ڪاروباري ماهرن ۽ ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽيز کي گڏ ڪرڻ تي ساراهيو. هن چيو ته اهڙي ريت جا فورم خيالن جي ڏي وٺ، اداره جاتي ۽ پيشيواراڻن رابطن کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل افهام تفهيم جي تعمير ۽ علائقائي تعاون جون نيون راهون تلاش ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪن ٿا. هن پاڪستان حڪومت طرفان چيني حڪومت، شنهوا جي قيادت ۽ فورم جي انتظاميه کي دل سان مبارڪون ڏنيون.  هن پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) کي ٻه طرفي تعاون جو جهنڊي برادر منصوبو قرار ڏيندي چيو ته هي حصيداري هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي، جنهن جي توجهه صنعتي تعاون، ڪنيڪٽوٽي، راونگي واپار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته جيئن ته اسان سي پيڪ ٽو تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون، اسان جي توجهه بنيادي ڍانچي کان صنعتي ڪاري صنعتي روڊن ۽ پاور پلانٽس کان روانگي واپار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جي تخليق طرف منتقل ٿي رهي آهي. هن زور ڀريو ته سي پيڪ تحت معاشي تبديلي ان قسم جي ترقياتي ڪهاڻي جي به نمائندگي ڪري ٿي جيڪي درست، پائيدار ۽ ذميوار ميڊيا ڪوريج جا حقدار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين ميڊيا تعاون جي وسيع ۽ توسيعي فريم ورڪ کي برقرار رکيو آهي جنهن ۾ خابرو ايجنسيون، براڊ ڪاسٽرز، فلم ۽ دستاويزي برادرين سان گڏوگڏ مواد جي باقاعده شيئرنگ ۽ اداره جاتي مٽاسٽا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن چيني منصب سان گڏيل پروڊڪشن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان چيني نقطئه نظر کي پاڪستانين ۽ پاڪستاني نقطئه نظر کي چين جي عوام تائين پهچائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.