لاڙڪاڻو- 05 سيپٽمبر (اي پي پي)يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جيڪب آباد پوليس پاران فليگ مارچ. تفصيل موجب يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جيڪب آباد پوليس جي طرفان سب ڊويزن سٽي ۽ صدر فليگ مارچ ڪيو ويو. فليگ مارچ جي قيادت ڊي ايس پي سٽي خدابخش پنهور ۽ ڊي ايس پي صدر تنوير حسين شاهه ڪئي. فليگ مارچ ۾ سٽي ۽ صدر سب ڊويزن جي پوليس آفيسرن ۽ …
يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جيڪب آباد پوليس پاران فليگ مارچ
لاڙڪاڻو- 05 سيپٽمبر (اي پي پي)يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جيڪب آباد پوليس پاران فليگ مارچ. تفصيل موجب يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جيڪب آباد پوليس جي طرفان سب ڊويزن سٽي ۽ صدر فليگ مارچ ڪيو ويو. فليگ مارچ جي قيادت ڊي ايس پي سٽي خدابخش پنهور ۽ ڊي ايس پي صدر تنوير حسين شاهه ڪئي. فليگ مارچ ۾ سٽي ۽ صدر سب ڊويزن جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن سميت شهباز ايئر فورس جي آفيسرن ۽ جوانن به شرڪت ڪئي. فليگ مارچ 15 مددگار کان شروع ڪيو ويو جيڪو قائداعظم روڊ، شڪارپور روڊ، ايئرپورٽ روڊ، فيضانِ مدينه روڊ، ايس پي چوڪ، سول اسپتال روڊ، شڪارپور روڊ ۽ شهباز ايئربيس کان ٿيندو واپس 15 مددگار تي پورو ٿيو . پوليس ترجمان موجب فليگ مارچ جو مقصد يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي امن و امان کي برقرار رکڻ ۽ شھرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ ھو. جيڪب آباد پوليس امن و امان ۽ شھرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي الرٽ آھي.












