اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيف گيمز جي تيارين بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس مطابق ڏکڻ ايشيائي اولمپڪ ڪميٽي سان رابطي ۽ مشاورت سان سيف گيمز منعقد ڪرڻ جي تاريخ 4 کان 11 اپريل 2027ع مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر جي مقرري جڏهن ته اسٽيئرنگ، آرگنائزنگ ۽ صوبائي ڪميٽيون …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ سيف گيمز جي تيارين جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيف گيمز جي تيارين بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس مطابق ڏکڻ ايشيائي اولمپڪ ڪميٽي سان رابطي ۽ مشاورت سان سيف گيمز منعقد ڪرڻ جي تاريخ 4 کان 11 اپريل 2027ع مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر جي مقرري جڏهن ته اسٽيئرنگ، آرگنائزنگ ۽ صوبائي ڪميٽيون جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي. مجموعي طور تي 28 مقابلا ٿيندا جن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ رانديگرن ۽ آفيشلز جي شرڪت متوقع آهي. راندين جا مقابلا اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ منعقد ٿيندا. نائب وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطي کي اثرائتو بڻايو وڃي، راندين جي هنڌن جي تياري وقت سر مڪمل ڪئي وڃي ۽ گيمز ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ لاءِ اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻايو وڃي. هن اسٽيئرنگ ڪميٽي کي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هر مهيني اجلاس منعقد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، سيڪريٽري آءِ پي سي، صوبائي حڪومتن جي نمائندن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي.












