نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي طاهر حسين اندرابي جي ملاقات

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي طاهر حسين اندرابي ملاقات ڪئي آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزارت ۾ طاهر حسين اندرابي جي نمايان خدمتن جي واکاڻ ڪئي خاص طور تي پرڏيهي کاتي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري اي سي ڊي آءِ ايس جي حيثيت …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي طاهر حسين اندرابي ملاقات ڪئي آهي. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزارت ۾ طاهر حسين اندرابي جي نمايان خدمتن جي واکاڻ ڪئي خاص طور تي پرڏيهي کاتي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري اي سي ڊي آءِ ايس جي حيثيت سان خدمتن ۽ ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن پرڏيهي وزارت جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن کي مضبوط بڻائڻ ۾ طاهر حسين اندرابي جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. نائب وزير اعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو جنيوا ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳيان وڌائڻ ۽ گهڻ رُخي سفارتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو، جنهن ۾ هٿيارن جي خاتمي بابت گڏيل قومن جي ڪانفرنس جي پاڪستان جي جاري صدارت پڻ شامل آهي. هن طاهر حسين اندرابي لاءِ نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.