طالبان رجيم سيڪيورٽي صورتحال غير مستحڪم، ڪئناڊا پاران شهرين کي افغانستان نه وڃڻ جي هدايت، ڪينيڊين حڪومت جي ٽريول ايڊوائزري

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) طالبان رجيم ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال غير مستحڪم آهي. ڪئناڊا پنهنجن شهرين کي افغانستان نه وڃن جي هدايت ڪئي آهي. غير قانوني طالبان رجيم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسنداڻين پاليسين افغانستان کي دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيڊين حڪومت افغانستان بابت ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال انتهائي غير مستحڪم ۽ خطرناڪ آهي، شهري سفر کان پاسو ڪن. …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) طالبان رجيم ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال غير مستحڪم آهي. ڪئناڊا پنهنجن شهرين کي افغانستان نه وڃن جي هدايت ڪئي آهي. غير قانوني طالبان رجيم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسنداڻين پاليسين افغانستان کي دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيڊين حڪومت افغانستان بابت ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال انتهائي غير مستحڪم ۽ خطرناڪ آهي، شهري سفر کان پاسو ڪن. ڪينيڊين شهري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين ۽ پنهنجي حفاظتي انتظامن جو نئين سر جائزو وٺن. ڪينيڊين حڪومت وڌيڪ چيو آهي ته طالبان رجيم پاران پرڏيهين کي اغوا، دهشتگردي ۽ بنا جواز گرفتارين جا شديد خطرا درپيش آهن، ڪابل سميت سڄي افغانستان ۾ دهشتگرد حملن جو خطرو هر وقت موجود آهي. ايڊوائزري مطابق افغانستان ۾ دهشتگرد گروپ متحرڪ آهن جيڪي پرڏيهين، صحافين سميت سمورن شهرين کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. واضح رهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن به پنهنجن شهرين کي افغانستان جي سفر بابت سخت سفري هدايتون جاري ڪيون آهن.