سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي پنجين ڏينهن ڀارتي فوج کي مسلسل ناڪاميون

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي پنجين ڏينهن جنگ جاري هئي ۽ پاڪ فوج مختلف محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪندي ڀارتي فوج کي مسلسل ناڪامين جو شڪار ڪيو. صدر ايوب خان جوڙيان ۾ بي مثال ڪارنامن ۽ ڪاميابين تي فوج کي مبارڪون ڏيندي دشمن کي تباهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سڄي رات جي جنگ کانپوءِ پاڪ فوج ڀارت جي ٻئي مضبوط ترين محاذ جوڙيان …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي پنجين ڏينهن جنگ جاري هئي ۽ پاڪ فوج مختلف محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪندي ڀارتي فوج کي مسلسل ناڪامين جو شڪار ڪيو. صدر ايوب خان جوڙيان ۾ بي مثال ڪارنامن ۽ ڪاميابين تي فوج کي مبارڪون ڏيندي دشمن کي تباهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سڄي رات جي جنگ کانپوءِ پاڪ فوج ڀارت جي ٻئي مضبوط ترين محاذ جوڙيان تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان اهم ڪاميابي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج کي جوڙيان کان 18 ميل جڏهن ته اکنور کان 3 ميل پوئتي ڌڪيو ويو. پاڪ فوج جي جوانن ڄمون ڪشمير جي مختلف هنڌن تي ڀارتي فوج خلاف ڀرپور ڪارروائيون ڪيون، جن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مارجي جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.