سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم ٽاسڪ فورس تحت شپ بلڊنگ، شپنگ ري سائيڪلنگ ۽ فشريز ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نئين دور جي شروعات

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم ٽاسڪ فورس تحت شپ بلڊنگ، شپنگ ري سائيڪلنگ ۽ فشريز ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نئين دور جي شروعات آهي. سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم ٽاسڪ فورس تحت ميري ٽائم شعبي ۾ مقامي صلاحيت جي بحالي ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ اهم قدم جاري آهن. ڪراچي ۾ 1980ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪمرشل شپ يارڊز جي تعمير جو عمل …

اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم ٽاسڪ فورس تحت شپ بلڊنگ، شپنگ ري سائيڪلنگ ۽ فشريز ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نئين دور جي شروعات آهي. سامونڊي سڌارن بابت وزيراعظم ٽاسڪ فورس تحت ميري ٽائم شعبي ۾ مقامي صلاحيت جي بحالي ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ اهم قدم جاري آهن. ڪراچي ۾ 1980ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪمرشل شپ يارڊز جي تعمير جو عمل ٻاهر شروع ڪيو ويو. پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پنهنجي بيڙي کي 54 جهازن تائين وڌائي قومي ڪارگو ۾ ملڪي شپنگ کي هٿي ڏئي رهي آهي. اين ايل سي جي شپنگ شعبي ۾ شموليت سان قومي ڪارگو جي فراهمي ۾ ملڪي صلاحيت ۽ خودانحصاري وڌائڻ جون ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن، شپنگ، جهاز سازي ، شپ ري سائيڪلنگ ۽ فشريز جي شعبن ۾ بهتري لاءِ اين ايل سي سميت لاڳاپيل ادارا متحرڪ آهن. شپنگ سان گڏو گڏ ري سائيڪلنگ صنعت به 8 سالن کانپوءِ فعال ٿي وئي، 16 نجي ري سائيڪلنگ يارڊز قائم ڪيا ويا آهن. هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي منظوري سان ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ کي عالمي معيار مطابق هٿي ڏيڻ جو رستو هموار ٿيو آهي. ميري ٽائم شعبي جي ٻين اهم حصن ۾ ماهيگيري ۽ ايڪواڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنجن سالن وارو ترقياتي منصوبو به تيار ڪيو ويو آهي. منصوبي ذريعي هارين، مهاڻن ۽ سامونڊي ڪناري وارين آبادين جي آمدني ۾ نمايان اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. شپنگ، جهاز سازي، ري سائيڪلنگ ۽ فشريز ۾ سڌارا پاڪستان جي ميري ٽائم شعبي کي معاشي ترقي جو اهم ذريعو بڻائي رهيا آهن.