اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءُ جي مناسبت سان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تان پاڪ فوج جي جوانن قوم نالي پنهنجي عزم سان ڀرپور پيغام ۾ چيو آهي ته يوم دفاع ۽ شهداءُ، وطن جي انهن سپوتن جي لازوال قربانين جي ياد کي تازو ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن پاڪستان جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪئي. ايل او سي تي …
يوم دفاع ۽ شهداءُ، ايل او سي تان پاڪ فوج جي جوانن جو قوم نالي عزم ڀريو پيغام
اسلام آباد- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهداءُ جي مناسبت سان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تان پاڪ فوج جي جوانن قوم نالي پنهنجي عزم سان ڀرپور پيغام ۾ چيو آهي ته يوم دفاع ۽ شهداءُ، وطن جي انهن سپوتن جي لازوال قربانين جي ياد کي تازو ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن پاڪستان جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪئي. ايل او سي تي وطن جي سرحدن جي حفاظت تي مقرر پاڪ فوج جا جوان به ان عزم سان بيٺل آهن ته پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ وقار تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. وطن جي دفاع جي ان جذبي ۽ شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جو چوڻ هو ته ”اسان پاڪستان جي بقا جا محافظ آهيون ۽ اسان ان سرزمين جي سرحدن جا امين ۽ ان جي عزت جا محافظ آهيون“. هنن چيو ته ان ڌرتي جي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ قوم نالي پنهنجي هر صلاحيت وقف ڪرڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون.












