ريڊيو پاڪستان ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ آرگنائيزنگ ڪميٽي جو باني ميمبر چونڊجي ويو

شينزن- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي شهر شينزن ۾ منعقد ٿيل ايشيا پيسيفڪ ميڊيا فورم ۾ ريڊيو پاڪستان کي ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ آرگنائيزنگ ڪميٽي جو باني ميمبر چونڊيو ويو آهي. 16 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ پروگرام جي قائدن ۽ ضابطن تي صلاح مشوري ۽ ان تحت ٿيندڙ سرگرمين ۾ رابطا ڪاري لاءِ ڪم ڪندي. ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ آرگنائيزنگ ڪميٽي پروگرام جي 4 بنيادي …

شينزن- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي شهر شينزن ۾ منعقد ٿيل ايشيا پيسيفڪ ميڊيا فورم ۾ ريڊيو پاڪستان کي ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ آرگنائيزنگ ڪميٽي جو باني ميمبر چونڊيو ويو آهي. 16 رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ پروگرام جي قائدن ۽ ضابطن تي صلاح مشوري ۽ ان تحت ٿيندڙ سرگرمين ۾ رابطا ڪاري لاءِ ڪم ڪندي. ايشيا پيسيفڪ ميڊيا پارٽنرشپ آرگنائيزنگ ڪميٽي پروگرام جي 4 بنيادي شعبن اعليٰ سطحي ڳالهين، مربوط سڌ سماءَ، ٽيڪنيڪل جدت ۽ عملي سهڪار ۾ سهڪار جي طريقيڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. واضع رهي ته ريڊيو پاڪستان جي چونڊ پاڪستان جي قومي نشرياتي اداري لاءِ هڪ اهم عالمي اعزاز ۽ پذيرائي آهي. ان سان پاڪستان کي ايشيا پيسيفڪ خطي جي نمايان ميڊيا ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ قائم اهم علائقائي فورم ۾ نمائندگي حاصل ٿي آهي.