خرطوم- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سوڊان جي ڏکڻ رياست ڪردوفان ۾ ٻن ڌار ڌار حملن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوڊان ڊاڪٽرز نيٽورڪ ٻڌايو ته ڪاڊا جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ڊبي ۽ لوئيري جي علائقن تي سوڊان پيپلز لبريشن موومينٽ - ڏکڻ طرفان ڪي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 21 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي …
سوڊان جي ڏکڻ ڪردوفان ۾ ٻن حملن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
خرطوم- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سوڊان جي ڏکڻ رياست ڪردوفان ۾ ٻن ڌار ڌار حملن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوڊان ڊاڪٽرز نيٽورڪ ٻڌايو ته ڪاڊا جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ڊبي ۽ لوئيري جي علائقن تي سوڊان پيپلز لبريشن موومينٽ – ڏکڻ طرفان ڪي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 21 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا پيا آهن. شهر ۾ ايس پي ايل ايم – اين جي توپ خاني مان ڪيل بم باري جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڊبي جي هڪ ڳوٺ جي اسپتال جي طبي ذريعي ٻڌايو ته اسپتال ۾ 20 کان وڌيڪ لاش ۽ 11 زخمي آندا ويا، جڏهن ته بگڙجندڙ انساني صورتحال جي خدشي سبب شهري علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سوڊان ڊاڪٽرز نيٽ ورڪ ڊبي ۽ لوئيري تي حملي کي آگسٽ جي پڄاڻيءَ ۾ طئي ٿيل جنگي بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ايس پي ايل ايم – اين تي شهرين کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو آهي.












