انقره- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي پر امن حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪ صدر رجب طيب اروان گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ترڪيه، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سفارتي …
ترڪيه جي صدر جو گڏيل عرب امارات جي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو، موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون
انقره- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي پر امن حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪ صدر رجب طيب اروان گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته ترڪيه، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي. ترڪ صدر، گڏيل عرب امارات سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خاص ڪري دفاعي صنعت ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي.












