آمريڪا ۾ ڊيزل جي في گيلن جي قيمت 5.85 ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي

نيويارڪ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪن آٽو موبائل ايسوسيئيشن مطابق آمريڪا ۾ ڊيزل جي في گيلن جي قيمت 5.85 ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها شرح هڪ سال اڳ 3.71 ڊالر جي قيمت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ قائم ٿيل اڳوڻي رڪارڊ کان به وڌي وئي آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ سان …

نيويارڪ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪن آٽو موبائل ايسوسيئيشن مطابق آمريڪا ۾ ڊيزل جي في گيلن جي قيمت 5.85 ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها شرح هڪ سال اڳ 3.71 ڊالر جي قيمت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ قائم ٿيل اڳوڻي رڪارڊ کان به وڌي وئي آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ سان گڏو گڏ روسي آئل ريفائنرين تي يوڪريني حملن ٻارڻ جي فراهمي ۾ وڌيڪ رڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافي سڄي دنيا ۾ مهانگائي ۽ حڪومتن جي قرض وٺڻ جي لاڳت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.