نيويارڪ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني شهر جي سرڪاري اسڪولن ۾ جنريٽيو آرٽيفيشل انٽيلي جنس (اي آءِ) جي استعمال تي عارضي پابندي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنريٽيو اي آءِ، چيٽ جي پي ٽي وانگر آهي جيڪو صارف پاران ڏنل هدايتن يا پرامپٽ جي بنياد تي مواد تيار ڪري سگهي ٿو. ظهران ممداني اعلان ڪيو ته ايندڙ تعليمي سيشن ۾ پرائمري …
آمريڪا: نيويارڪ جي ميئر پاران سرڪاري اسڪولن ۾ اي آءِ جي استعمال تي عارضي پابندي جو اعلان
نيويارڪ- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني شهر جي سرڪاري اسڪولن ۾ جنريٽيو آرٽيفيشل انٽيلي جنس (اي آءِ) جي استعمال تي عارضي پابندي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنريٽيو اي آءِ، چيٽ جي پي ٽي وانگر آهي جيڪو صارف پاران ڏنل هدايتن يا پرامپٽ جي بنياد تي مواد تيار ڪري سگهي ٿو. ظهران ممداني اعلان ڪيو ته ايندڙ تعليمي سيشن ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي شاگردن، يعني 14 سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي اي آءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان فيصلي سبب اٽڪل 6 لک شاگرد متاثر ٿيندا. ان پاليسي تحت اسڪولن ۾ ٻارن جي اسڪرين ٽائم بابت نيون هدايتون به لاڳو ڪيون وينديون. سفارش ڪئي وئي آهي ته ٽئين کان پنجين ڪلاس جي شاگردن جو اسڪول ۾ اسڪرين ٽائم 30 منٽن تائين محدود هجڻ گهرجي جڏهن ته ڇهين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن لاءِ اها حد 45 منٽ هوندي. هاءِ اسڪول سميت سمورن ڪلاسن جي شاگردن تي ڪمپينين چيٽ بوٽس جي استعمال تي پابندي هوندي.












