اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ نوشڪي ۾ 9 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي، قتل ۽ ڪراچي جي علائقي گذري ۾ عورت تي تيزاب اڇلڻ جي واقعن جو نوٽيس وٺندي ٻنهي واقعن بابت آءِ جي بلوچستان ۽ آءِ جي سنڌ کي ڌار ڌار خط لکيا آهن. جمعي ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌار ڌار خطن ۾ …
سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران نوشڪي ۾ 9سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل ۽ ڪراچي ۾ عورت تي تيزاب اڇلڻ جي واقعن جو نوٽيس
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ نوشڪي ۾ 9 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي، قتل ۽ ڪراچي جي علائقي گذري ۾ عورت تي تيزاب اڇلڻ جي واقعن جو نوٽيس وٺندي ٻنهي واقعن بابت آءِ جي بلوچستان ۽ آءِ جي سنڌ کي ڌار ڌار خط لکيا آهن. جمعي ڏينهن انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌار ڌار خطن ۾ لاڳاپيل پوليس عملدارن کان واقعن جي قانون موجب مڪمل ۽ جامع جاچ يقيني بڻائڻ، فوري مناسب ڪارروائي ڪرڻ ۽ اڳڀرائي بابت جامع رپورٽ فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته واقعن جي حساس نوعيت کي نظر ۾ رکندي جاچ ترجيحي بنيادن تي ڪئي وڃي ته جيئن متاثر ماڻهن کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير ٻنهي واقعن ۾ ملوث ڌرين خلاف قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ ٻنهي واقعن جي اڳڀرائي بابت جامع رپورٽس به طلب ڪيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن ۽ ٻارن خلاف تشدد ۽ ڏوهن جي واقعن ۾ قانون موجب موثر ڪارروائي ۽ متاثر ماڻهن کي وقت سر انصاف يقيني بڻايو وڃي. انساني حقن واري وزارت واقعن تي لاڳاپيل عملدارن کان اڳڀرائي رپورٽ حاصل ڪرڻ جو عمل جاري رکندي.












