اپوزيشن ڌرتيءَ کي ورهائڻ جي سازش لڪائڻ لاءِ سنڌو ديش جي ڪوڙن الزامن جو سهارو وٺي رهي آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي -04 سيپٽمبر (اي پي پي)صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي سنڌو ديش واري بيان کي رد ڪندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آھي ته اپوزيشن ڌرتيءَ کي ورهائڻ جي سازش لڪائڻ لاءِ سنڌو ديش جي ڪوڙن الزامن جو سهارو وٺي رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جو جوابي ٺهراءُ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام …

ڪراچي -04 سيپٽمبر (اي پي پي)صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي سنڌو ديش واري بيان کي رد ڪندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آھي ته اپوزيشن ڌرتيءَ کي ورهائڻ جي سازش لڪائڻ لاءِ سنڌو ديش جي ڪوڙن الزامن جو سهارو وٺي رهي آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جو جوابي ٺهراءُ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. اسان جو ٺهراءُ وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هو، ان کي تڪراري رنگ ڏيڻ اپوزيشن جي گهٽ عقلي آهي. سنڌ جي وحدانيت جي آئيني ٺهراءُ کي "سنڌو ديش” جو رنگ ڏئي عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت کي يقيني بڻايو آهي. اپوزيشن جيتري به دانھن ڪوڪ ڪري، پيپلز پارٽي سنڌ جي ڌرتيءَ جي وحدت کي ڪو به نقصان پهچڻ نه ڏيندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي جوڙيندڙ زنجير آهي ۽ هن وفاق کي هميشه جمهوري طور تي مضبوط ڪيو آهي. سنڌو ديس هجي يا جناح پور، پيپلز پارٽي هر صورت ۾ ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ جو ڪالهوڪو ڏينهن تاريخي هو، جڏهن پيپلز پارٽي ڌرتيءَ جي ورهاڱي جي سازشن کي ناڪام بڻايو ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن جي اڳيان مضبوط اڏول بڻجي بيٺي آهي. صوبائي وزير اپوزيشن پارٽين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اها سنڌ دشمن سازش جو حصو آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي ٺهراءُ وقت غير حاضر رهي سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو. سنڌ ۾ رهندڙسموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ عوام ڌرتيءَ جي وحدت جي مخالفت ڪندڙ جماعتن کي سڃاڻي چڪو آهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ ملڪ جي سالميت سان کيڏي رهيا آهن ۽ اپوزيشن جماعتون عوامي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سنڌ جي ورهاڱي جا شوشا ڇڏي رهيون آهن. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي، ڪلهه سنڌ اسيمبليءَ اهو حتمي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڌرتي اسان جي جان ۽ سڃاڻپ آهي، ان جي بقا لاءِ هر قرباني ڏينداسين. ڪالهوڪو ڏينهن سنڌ جي غيور عوام جي سوڀ ۽ سازشي ٽولن جي شڪست جو ڏينهن هو. سنڌ پاڪستان ٺاهيو هو ۽ سنڌ ئي پاڪستان کي مضبوط رکندي.