نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي لاءِ اميدوار سفير اولارا اوتنو جي ملاقات

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي لاءِ اميدوار سفير اولارا اوتنو يوگنڊا جي صدر جي خصوصي ايلچي ۽ اڳوڻي وزيراعظم روهاڪانا روگونڊا سان گڏجي ملاقات ڪئي ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۽ گهڻ رخي نظام کي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي لاءِ اميدوار سفير اولارا اوتنو يوگنڊا جي صدر جي خصوصي ايلچي ۽ اڳوڻي وزيراعظم روهاڪانا روگونڊا سان گڏجي ملاقات ڪئي ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال ۽ گهڻ رخي نظام کي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته گهڻ رخي فورمز تي طئي ٿيندڙ مفاهمتن ۽ فيصلن تي موثر عملدرآمد جي ذريعي ان نظام کي مستحڪم ڪرڻ گهرجي. هن عالمي قانون جي احترام ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص طور تي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت قراردادن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل موجوده دور جي عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو. اولارا اوتنو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي خدمتن کي ساراهيو جن ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي شرڪت پڻ شامل آهي. هن علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستاني قيادت جي سفارتي ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي. روهاڪانا روگونڊا نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي يوگنڊا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.