وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ملاقات، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ پاڪستان جي امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي بريفنگ

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ پاڪستان جي افغانستان ۾ مقرر سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ملاقات ڪئي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال خاص طور تي پاڪستان جي امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. هڪ جدا ملاقات ۾ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن جي ورلڊ چيئرمين ۽ سفير اعلى ڊاڪٽر محمد شاهد امين خان پڻ سيد يوسف رضا گيلاني سان …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايوان صدر ۾ پاڪستان جي افغانستان ۾ مقرر سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ملاقات ڪئي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال خاص طور تي پاڪستان جي امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. هڪ جدا ملاقات ۾ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن جي ورلڊ چيئرمين ۽ سفير اعلى ڊاڪٽر محمد شاهد امين خان پڻ سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس “شهيد بينظير ڀٽو لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ” پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هڪ ٻي ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملتان جي سٽي صدر ملڪ نسيم وقتي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي سياسي معاملن بابت آگاهه ڪيو. نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي چيئرمين علي سيد پڻ سيد يوسف رضا گيلاني سان رسمي ملاقات ڪئي ۽ کيس ڪمپني جي ڪارڪردگي، مجموعي اڳڀرائي ۽ اهم قدمن کان آگاهه ڪيو. پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي خيبرپختونخواهه چيپٽر جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرزند علي وزير ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي مجموعي امن امان جي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.