اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي هڪٻئي پويان ڪامياب ڪاررواين کي زبردست لفظن ۾ ساراهيندي فورسز جي بهادر پٽن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ موثر آپريشنز دوران مجموعي طور 36 دهشتگردن جي مارجڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار …
محسن نقوي پاران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين تي شاباش
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي هڪٻئي پويان ڪامياب ڪاررواين کي زبردست لفظن ۾ ساراهيندي فورسز جي بهادر پٽن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير مستونگ، ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي ۾ موثر آپريشنز دوران مجموعي طور 36 دهشتگردن جي مارجڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. هن خاص ڪري قلات ۾ وقت سر ڪارروائي ڪندي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته بهادر جوانن فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي دهشتگردن خلاف مسلسل ۽ موثر ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم کي سلام ڪندي واضح ڪيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، هن ان عزم کي ورجايو ته بلوچستان ۾ امن دشمنن جي مڪمل خاتمي تائين بنا رڪاوٽ جي مسلسل ڪارروايون جاري رهنديون ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.












