سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 900 روپين جي واڌ

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 900 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 69 هزار 136 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 900 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 69 هزار 136 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 900 روپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 69 هزار 136 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 900 روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 69 هزار 136 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3 هزار 344 روپين جي اضافي کانپوءِ 3 لک 98 هزار 864 روپين کان وڌي 4 لک 2 هزار 208 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 65 هزار 638 روپين کان وڌي 3 لک 68 هزار 704 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 117 روپين جي واڌ کانپوءِ 7 هزار 161 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 100 روپين جي واڌ کانپوءِ 6 هزار 139 روپيا ٿي وئي.