سنڌ حڪومت پاران عوامي سفري سھولتن ۾ وڌيڪ توسيع جو فيصلو، قمبر، شھدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي روٽ تي پيپلز بس سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي، بسون لاڙڪاڻي پھچي چُڪيون آھن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي سفري سھولتن ۾ وڌيڪ توسيع جو فيصلو ڪيو آھي جنهن تحت قمبر، شھدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي روٽ تي پيپلز بس سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي ۽ بسون لاڙڪاڻي پھچي چُڪيون آھن. ھن چيو ته پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو مقصد عوام کي بھتر ٽرانسپورٽ فراھم ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن ٽرانسپورٽ …

ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي سفري سھولتن ۾ وڌيڪ توسيع جو فيصلو ڪيو آھي جنهن تحت قمبر، شھدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي روٽ تي پيپلز بس سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي ۽ بسون لاڙڪاڻي پھچي چُڪيون آھن. ھن چيو ته پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو مقصد عوام کي بھتر ٽرانسپورٽ فراھم ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي توسيع، ڊبل ڊيڪر بسن، اي وي ٽيڪسي سروس، پنڪ اسڪوٽيز ۽ بي آر ٽي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبي ۾ پيپلز بس سروس جي جاري آپريشنز ۽ مختلف شھرن ۾ سروس جي توسيع بابت بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ قمبر، شھدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي روٽ تي پيپلز بس سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي ۽ بسون لاڙڪاڻي پھچي چُڪيون آھن، جڏھن تھ ڊبل ڊيڪر بسن جي آمد ۽ آپريشنل معاملن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اجلاس ۾ اي وي ٽيڪسي سروس جي آپريشنل ماڊل ۽ سروس شروع ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي بھ تفصيلي ڳالھ ٻولھه ٿي. اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ ھدايت ڪئي تھ نون روٽس تي بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ انتظام وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. ھن چيو ته ميرپورخاص ۾ جلد پنڪ اسڪوٽيز ورھائڻ وڃي رھيا آھيون. ھن چيو تھ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ضروري سرگرمين تائين سڻائي پھچ لاءِ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام ھڪ انقلابي قدم آھي، بي آر ٽي رٿائن تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، غير ضروري دير کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا گڏيل سھڪار سان ڪم ڪن.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، پيپلز بس سروس جي مختلف شھرن تائين توسيع، اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ کي ھٿي ڏيڻ ۽ وڏا بي آر ٽي منصوبا سنڌ حڪومت جي جامع ٽرانسپورٽ پاليسي جو حصو آھن.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.