قلات آپريشن ۾ 12 دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي: محمد حنيف عباسي

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي ساراهيندي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته قلات ۾ فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ۽ نمايان ڪاميابي آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي ساراهيندي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته قلات ۾ فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ۽ نمايان ڪاميابي آهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي شجاعت، بهادري ۽ لازوال قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن، سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو ثابت ڪيو آهي ته اها ملڪ جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته عزم استحڪام جي قومي ويزن تحت دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پوري قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جو عزم اڻٽر ۽ متحد آهي.