اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي شوبز اسٽارز وطن سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو آهي ۽ روشن پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. تفصيل مطابق دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي حوالي سان پاڪستاني شوبز سان لاڳاپيل اهم شخصيتن پاڪ سرزمين سان قومي يڪجهتي جي عزم جي تجديد جو عهد ڪيو ، پاڪستاني شوبز جي شخصيتن وطن لاءِ حياتين جي قرباني …
دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي شوبز اسٽارز پاران وطن سان ڀرپور محبت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي شوبز اسٽارز وطن سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو آهي ۽ روشن پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. تفصيل مطابق دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي حوالي سان پاڪستاني شوبز سان لاڳاپيل اهم شخصيتن پاڪ سرزمين سان قومي يڪجهتي جي عزم جي تجديد جو عهد ڪيو ، پاڪستاني شوبز جي شخصيتن وطن لاءِ حياتين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هنن چيو ته هر پاڪستاني فولادي جذبو رکي ٿو ۽ هر ماڻهو جي محنت ۽ ڪردار ئي وطن جي ترقي جو مضبوط بنياد آهي. اسان پنهنجي سموري توانائي ۽ جذبو قوم ۽ وطن جي ترقي لاءِ استعمال ڪنداسين. شوبز جي شخصيتن چيو ته اسان پنهنجن بزرگن جي خوابن کي پورو ڪري پاڪستان کي ترقي جي منزل تائين کڻي وينداسين، پاڪستان کي پنهنجي حقيقي منزل تائين پهچائڻ لاءِ قوم ۽ نوجوان پختو جذبو ۽ عزم رکن ٿا. فنڪارن دفاع ۽ شهيدن جي ڏينهن کي قومي يڪجهتي جي عزم جي تجديد ۽ مادر وطن تي پنهنجي جان قربان ڪندڙ عظيم سپوتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو تاريخي ڏينهن قرار ڏنو.











