اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اڪثر منظم حج ڪمپنين پنهنجي حج پيڪيج کي ڊجيٽل پورٽل تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پرائيوٽ حج اسڪيم جي بڪنگ ۾ تيزي آئي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته حج اسڪيم تحت 16 بنيادي حج پيڪيج فائنل ڪيا ويا آهن، هلندڙ سال خانگي حج اسڪيم جو پيڪيج 14 …
اڪثر حج ڪمپنين حج پيڪيجز کي ڊجيٽل پورٽل تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو، جنهن سان پرائيوٽ حج اسڪيم جي بڪنگ ۾ تيزي آئي آهي: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اڪثر منظم حج ڪمپنين پنهنجي حج پيڪيج کي ڊجيٽل پورٽل تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پرائيوٽ حج اسڪيم جي بڪنگ ۾ تيزي آئي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته حج اسڪيم تحت 16 بنيادي حج پيڪيج فائنل ڪيا ويا آهن، هلندڙ سال خانگي حج اسڪيم جو پيڪيج 14 لک کان ساڍا37 لک رپين جي وچ ۾ آهي. پرائيوٽ اسڪيم ۾ مختصر وقت، پرڏيهي ملڪن مان سڌيءَ ريت اڏامن ۽ فائيو اسٽار حج پيڪيج جي چونڊ جي سهولت موجود آهي. ترجمان موجب پرائيوٽ حج پانڌيئڙا حج پيڪيج جي چونڊ ۽ ادائگي صرف حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ ذريعي ڪن، ڪنهن به فرد يا ڪمپني کي سڌيءَ ريت رقم جي ادائگي جي صورت ۾ وزارت ڪنهن به قسم جي نقصان جي ذميوار نه هوندي. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال پرائيويٽ حج اسڪيم لاءِ 71 هزار 684 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن. مذهبي معاملن واري وزارت پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ پيڪيج جي چونڊ ۽ ادائگي جي آخري تاريخ 20 نومبر مقرر ڪئي آهي. مقرر تاريخ تائين ڪوٽا مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزارت کي نئين سر ڪوٽا مختص ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.











