او جي ڊي سي ايل جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران 215 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) جي خالص منافعي ۾ گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي 215 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪمپني کي 127.11 ارب روپين جو خالص منافعو ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي آخري ٽه …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) جي خالص منافعي ۾ گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ساليانو بنيادن تي 215 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪمپني کي 127.11 ارب روپين جو خالص منافعو ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي 40.29 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 215 سيڪرو وڌيڪ آهي، ان مدي دوران ڪمپني جي في شيئر آمدني پڻ 29.55 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال ان مدي ۾ 9.37 روپيا هئي.