بيروت - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي صدر جنرل جوزف عون چيو آهي ته اسرائيل ان فريم ورڪ معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جيڪو واشنگٽن ۾ لبنان، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ طئي ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن نيڌرلينڊز جي پرڏيهي واپار ۽ ترقياتي سهڪار بابت وزير سان ملاقات دوران چئي، ملاقات ۾ لبنان ۽ خطي جي …
اسرائيل فريم ورڪ معاهدي جي مسلسل ڀڇڪڙي ڪري رهيو آهي: لبنان جو صدر
بيروت – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي صدر جنرل جوزف عون چيو آهي ته اسرائيل ان فريم ورڪ معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جيڪو واشنگٽن ۾ لبنان، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين جي نتيجي ۾ طئي ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن نيڌرلينڊز جي پرڏيهي واپار ۽ ترقياتي سهڪار بابت وزير سان ملاقات دوران چئي، ملاقات ۾ لبنان ۽ خطي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال کان علاوه لبنان ۽ نيڌرلينڊز جي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لبنان جي صدر چيو ته اسرائيل مسلسل بمباري، ڏکڻ علائقن ۾ قابض ڳوٺن جي تباهي ۽ گهرن ۽ ملڪيتن کي ڊاهڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. هن چيو ته لبناني فوج انهن علائقن ۾ پنهنجون ذميواريون مڪمل طور ادا ڪري رهي آهي، جتي اها ٻيهر مقرري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ ڪا به ڳالهه فوج کي بدنام ڪرڻ، ان جي ڪردار تي شڪ پيدا ڪرڻ ۽ سياسي قيادت جي فيصلن سان وابستگي تي سوال اٿارڻ برابر آهي. هن واضح ڪيو ته ڏکڻ لبنان جي نئين سر تعمير رياست جي ذميواري آهي، پر اسرائيلي قبضو جاري رهڻ جي صورت ۾ اهو عمل ممڪن ناهي.












