گڏيل قومن ۽ ان جي حصيدارن غزه ۾ پابندين، عدم تحفظ ۽ مالي وسيلن جي کوٽ باوجود  امداد پهچائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي: او سي ايڇ اي

گڏيل قومون - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني رابطن بابت گڏيل قومن جي آفيس چيو آهي ته جاري پابندين، عدم تحفظ ۽ مالي وسيلن جي کوٽ باوجود گڏيل قومن ۽ ان جي شراڪتدارن غزه ۾ روزانو جي بنياد تي امدادي سامان پهچائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق غزه ۾ موجود گڏيل قومن جي ٽيمن ڪيرم شالوم/ڪيرم ابو سالم ڪراسنگ ذريعي امدادي سامان جا ڪيترائي پيڪيٽس وصول …

گڏيل قومون – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني رابطن بابت گڏيل قومن جي آفيس چيو آهي ته جاري پابندين، عدم تحفظ ۽ مالي وسيلن جي کوٽ باوجود گڏيل قومن ۽ ان جي شراڪتدارن غزه ۾ روزانو جي بنياد تي امدادي سامان پهچائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق غزه ۾ موجود گڏيل قومن جي ٽيمن ڪيرم شالوم/ڪيرم ابو سالم ڪراسنگ ذريعي امدادي سامان جا ڪيترائي پيڪيٽس وصول ڪيا جن ۾ بالغ ماڻهن لاءِ ڊائپرز، اسڪول بيگز ۽ کير پياڪ ٻارن ۽ ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ اضافي غذائي شيون شامل هيون. والاريل فلسطيني علائقي لاءِ گڏيل قومن جي انساني همدردي جي رابطه ڪار مرڪز غزه ۾ پنهنجو ٽن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪيو. هن زور ڀريو ته برساتن ۽ سياري جي موسم جي تياري لڳاتار پهرين ترجيح آهي. ان مقصد لاءِ عطيو ڏيندڙن پاران اضافي امداد جي فوري ضرورت آهي. او سي ايڇ اي مطابق انهن ڪوششن لاءِ اسرائيلي اختيارين کي پابنديون ختم ڪرڻ ۽ ضروري اوزارن، انجڻن جي تيل ۽ ٻي گهربل سامان کي غزه ۾ داخل ڪرڻ جي درخواستن جي منظوري جي عمل کي تيز ڪرڻ به ضروري آهي.