ماسڪو - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين سان ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ جو موقعو اڃان به موجود آهي، پر جنگ جي خاتمي جي رستي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف لڳاتار رڪاوٽ بڻيل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن روس جي ڏور اوڀر ۾ منعقد هڪ اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي چئي. هن يوڪرين تي الزام لڳايو ته روس جي …
يوڪرين سان امن معاهدي جو امڪان موجود آهي: روس
ماسڪو – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته يوڪرين سان ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ جو موقعو اڃان به موجود آهي، پر جنگ جي خاتمي جي رستي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف لڳاتار رڪاوٽ بڻيل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي صدر ولاديمير پيوٽن روس جي ڏور اوڀر ۾ منعقد هڪ اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي چئي. هن يوڪرين تي الزام لڳايو ته روس جي فضائي حدن ۾ جهازن کي درپيش امڪاني خطرن بابت انهن جي وارننگز کي رياستي دهشتگردي قرار ڏئي سگهجي ٿو. روس جي صدر چيو ته آمريڪا ۽ چين سميت ڪيترائي ملڪ به امن ذريعي ڇڪتاڻ جي حل جي حمايت لاءِ تيار آهن ۽ آخرڪار ان تڪرار ۾ شامل ٻنهي ملڪن کي ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. اهو ئي درست طريقو آهي. هن واضح ڪيو ته روس اهڙي ڪنهن به ڌر جي مخالفت نه ٿو ڪري جيڪو يوڪرين جي حوالي سان ڳالهين ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي.












