واشنگٽن-04 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج جي سول ورڪس شعبي ۾ موجوده اسسٽنٽ سيڪريٽري ايڊم ٽيل هاڻي وقتي سيڪررٽري آف دي آرمي طور خدمتون سر انجام ڏيندو . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته مونکي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته موجوده اسسٽنٽ سيڪرٽري آف دي …
آمريڪي صدر پاران ايڊم ٽيل آمريڪي فوج جو وقتي سيڪريٽري نامزد
واشنگٽن-04 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي فوج جي سول ورڪس شعبي ۾ موجوده اسسٽنٽ سيڪريٽري ايڊم ٽيل هاڻي وقتي سيڪررٽري آف دي آرمي طور خدمتون سر انجام ڏيندو . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته مونکي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته موجوده اسسٽنٽ سيڪرٽري آف دي آرمي فار سول ورڪس ايڊم ٽيل فوري طور تي وقتي سيڪرٽري آف دي آرمي جون ذميواريون سنڀاليندو. آمريڪي ميڊيا رپورٽ ڪيو هيو ته آمريڪي فوج جي سيڪرٽري ڊين ڊرسڪول صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي استعفيٰ پيش ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڊين ڊرسڪول ۽ آمريڪا جي دفاع واري وزير وچ ۾ فوج جي حوالي سان فوج جي وڏن آفيسرن کي عهدي تان هٽائڻ جي معاملي تي اختلاف هيا. اميد آهي ته ڊين ڊرسڪول ايندڙ ڏينهن ۾ پينٽاگون مان رخصت ٿي ويندو. سيڪريٽر آف دي آرمي جي عهدي لاءِ سينيٽ جي منظوري ضروري هوندي آهي پر وقتي سيڪرٽري عام طور تي سينيٽ جي منظوري بغير عارضي طور تي ان عهدي تي خدمتون سر انجام ڏئي سگهي ٿو .












