ڪينبرا-04 سيپٽمبر(اي پي پي)آسٽريليا جي شهر برسبين جي اوڀر پاسي واري علائقي ۾ ڪاروباري مرڪز ۾ فورڪ لفٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن مان ٻن ڄڻن جي حالتن ڳڻتي جوڳي آهي. پرڏيهي ميديا موجب باهه لڳڻ جو واقعو جمعي ڏينهن صبح جو مقامي وقت موجب يارهين وڳي برسبين جي اوڀر پاسي واري پسگردائي واري علائقي ۾ هڪ واپاري …
آسٽريليا جي ڪاروباري مرڪز ۾ لفٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ماڻهو متاثر
ڪينبرا-04 سيپٽمبر(اي پي پي)آسٽريليا جي شهر برسبين جي اوڀر پاسي واري علائقي ۾ ڪاروباري مرڪز ۾ فورڪ لفٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن مان ٻن ڄڻن جي حالتن ڳڻتي جوڳي آهي. پرڏيهي ميديا موجب باهه لڳڻ جو واقعو جمعي ڏينهن صبح جو مقامي وقت موجب يارهين وڳي برسبين جي اوڀر پاسي واري پسگردائي واري علائقي ۾ هڪ واپاري مرڪز ۾ پيش آيو. واقعي جي اطلاع تي هنگامي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ متاثر ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي . انهن مان هڪ کي شديد زخم آيا آهن جڏهن ته ٻي شخص جون ٻانهون سڙي ويون ۽ ٻين ٽن ڄڻن کي دونهين سبب ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي پر سندن حالت مستحڪم ٻڌائي ئي آهي.












