گڏيل قومون-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ يو اين 80 قدمن تحت سڌارن جي عمل کي وڌيڪ اڳيان وڌائين. پرڏيهي ميڊيا موجب ان موقعي تي انتونيو گوتريش يو اين 80 جي باري ۾ جنرل اسيمبلي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيئن ته اسان 81 هين اجلاس طرف وڌي رهيا آهيون مان …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ميمبر ملڪن کي ايندڙ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ يو اين 80 قدمن تحت سڌارن جي عمل کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ تي زور
گڏيل قومون-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ميمبر ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ يو اين 80 قدمن تحت سڌارن جي عمل کي وڌيڪ اڳيان وڌائين. پرڏيهي ميڊيا موجب ان موقعي تي انتونيو گوتريش يو اين 80 جي باري ۾ جنرل اسيمبلي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيئن ته اسان 81 هين اجلاس طرف وڌي رهيا آهيون مان ميمبر ملڪن تي ور ڀريان ٿو ته هو صرف يو اين 80 جي رفتار کي برقرار نه رکن پر ان کي وڌيڪ اڳيان وڌائين. يو اين 80 گڏيل قومن جي پوري نظام ۾ سڌارن جي هڪ ڪوشش آهي ، جنهن جي شروعات مارچ 2025 ع مان عالمي اداري جي 80هين سالگره جي موقعي تي ڪئي هئي. سيڪريٽري جنرل چيو ته 80 سال پهريان اسان جي قيادت گڏيل قومن کي وجود ۾ آندو ڇو ته هو سمجهن پيا ته هڪ مشڪل دنيا اهڙن ادارن جي گهرج ڪري ٿي جيڪا حالتن موجب بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي. هاڻي اها ذميواري اسان جي آهي ته اسان گڏيل قومن کي ان کان وڌيڪ مضبوط حالت ۾ ايندڙ نسلن جي حوالي ڪيون جنهن حالت ۾ اسان کي مليو هيو. اهڙو ادارو جيڪو پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ مربوط هجي پنهنجي وسيلن جي استعمال ۾ وڌيڪ منظم ۽ ذميوار هجي ۽ پنهنجي نالي تي ڪيل وعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ يو اين 80 وڌيڪ بهتر طور تيار هجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سڌارن جي امڪاني رستن جي نشاندهي ڪئي وئي، ٻئي مرحلي ۾ انهن امڪانن کي آزمايو ويو ۽ شاهديون گڏ ڪيون ويون ۽ عملي رستا مقرر ڪيا ويا. هاڻي اهي قدم ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ ۽ ان تي عمل در آمد تي ڌيان ڏيون.












