کٽمنڊو-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن جي سار سنڀال بابت اداري ( يونيسيف ) چيو آهي ته نيپال ۾ اوچتو آيل ٻوڏ کي هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به 22 هزار ٻارن کي پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي ۽ صحت جي حفاظت جي فوري امداد گهربل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيپال ۾ يونيسيف جي نمائندي ٻڌايو ته متاثر ضلعن ۾ پاڻي جي نظام کي نقصان پهتو آهي …
نيپال ۾ ٻوڏ سبب 22 هزار ٻار صاف پاڻي کان محروم آهن : يونيسيف
کٽمنڊو-04 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن جي سار سنڀال بابت اداري ( يونيسيف ) چيو آهي ته نيپال ۾ اوچتو آيل ٻوڏ کي هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به 22 هزار ٻارن کي پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي ۽ صحت جي حفاظت جي فوري امداد گهربل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيپال ۾ يونيسيف جي نمائندي ٻڌايو ته متاثر ضلعن ۾ پاڻي جي نظام کي نقصان پهتو آهي ، جڏهن ته واش رومز ۽ صفائي جون ٻيون سهولتون به خراب يا تباهه ٿي ويون آهن، جنهن سبب گدلي پاڻي جي ڪري پکڙجندڙ ڪيترين ئي بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ” ٻوڏ وارن ضلعن ۾ والدين سخت پريشان آهن ته کين پاڻي ڪٿان ملندو“ ۽ جي ملندو به ته ڇا اهو منهنجي ٻارن کي ڏيڻ لاءِ محفوظ آهي. يونيسيف شديد متاثر علائقن ۾ اٽڪل 19 هزار ماڻهن لاءِ پاڻي، صفائي ۽ صحت جي حفاظت جو سامان پهچايو آهي . ان سامان ۾ 3،800 کان وڌيڪ صحت جون حفاظتي ڪٽس، 10 لٽرن جي گنجائش واريون 3،300 پاڻي جون بوتلون، 3،500 بالٽيون، هڪ ليٽر جي گنجائش وارا 3،500 مگها، پاڻي صاف ڪندڙ محلول جون 4،000 بوتلون ۽ 1،000 کان وڌيڪ ترپال به شامل آهن. يونيسيف جو عملو حڪومتي ادارن ۽ حصيدارن سان گڏجي ڪري بيمارين جي نگراني، صحت جي حفاظت بابت آگاهي ۽ بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ به ڪم ڪري رهيو آهي . يونيسيف جي اندازي مطابق تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب 19 اسڪولن کي نقصان پهتو آهي، جن ۾ 8 مڪمل طور تي ۽ 8 جزوي طورتي تباهه ٿيا آهن . ان کان علاوه اسڪول جي عمر جي هزار 10 کان وڌيڪ ٻارن کي فوري طور تي نفسياتي امداد ۽ محفوظ تعليمي هنڌن تائين رسائي جي ضرورت آهي.












