سيئول-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت آبناءِ هرمز ۾ فوجي جٿا موڪلڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان پارليامينٽ کان منظوري وٺڻ جا قدم جاري آهن جنهن بعد هلندڙ سال جي آخر تائين ان منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو. ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي جي تحفظ لاءِ فوجي ساز و سامان ۽ اهلڪار مقرر ڪرڻ جي …
ڏکڻ ڪوريا پاران آبناءِ هرمز ۾ فوجي جٿا موڪلڻ جي تياري
سيئول-04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت آبناءِ هرمز ۾ فوجي جٿا موڪلڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان پارليامينٽ کان منظوري وٺڻ جا قدم جاري آهن جنهن بعد هلندڙ سال جي آخر تائين ان منصوبي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو. ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي جي تحفظ لاءِ فوجي ساز و سامان ۽ اهلڪار مقرر ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ ان مشن کي هلندڙ سال جي آخر کان پهريان شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن وقت ڏکڻ ڪوريا جي ححڪومت ان مقرري لاءِ پارلياماني منظوري حاصل ڪرڻ خاطر ضروري قانوني مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ڪابينه ۾ ان منصوبي جو جائزو وٺڻ بعد هلندڙ مهيني پارليامينٽ کان منظوري حاصل ڪرڻ لاءِ باضابطه درخواست پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو . ڏکڻ ڪوريا طرفان امڪاني فوجي مقرري اهڙي وقت تي غور هيٺ آهي جڏهن آبناءِ هرمز ۾ سلامتي جي صورتحال ڇڪتاڻ ۾ آهي ۽ تازن هفتن دوران واپاري جهازن تي حملن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان سبب ڪيترائي ملڪ ان اهم آبي گذرگاهه ۾ بحري سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪردار جي خدشن جو جائزو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا اها رپورٽ ڏکڻ ڪوريا جي ميڊيا جي رپورٽن جي بنياد تي تيار ڪئي آهي جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي عهديدارن هيستائين ان رپورٽ تي ڪو باضابطه رد عمل ظاهر ناهي ڪيو.












