واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي ) اوپن اي آئي GPT-6 مصنوعي ذهانت جو جديد ترين ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب موجب اوپن اي آئي جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر ۽ برائوزر جي استعمال ۾ هڪ نئين ڪاميابي جي نمائندگي ڪري ٿو، اهو غير معمولي رفتار، درستگي ۽ تحفظ سان ڪم ڪري ٿو. ڪمپني چيو آهي ته Astra اسان جو هن وقت تائين جو سڀ کان وڌيڪ هم آهنگ ((aligned ماڊل آهي، جنهن …
اوپن اي آئي مصنوعي ذهانت جو جديد ترين ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو
واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي ) اوپن اي آئي GPT-6 مصنوعي ذهانت جو جديد ترين ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب موجب اوپن اي آئي جو چوڻ آهي ته ڪمپيوٽر ۽ برائوزر جي استعمال ۾ هڪ نئين ڪاميابي جي نمائندگي ڪري ٿو، اهو غير معمولي رفتار، درستگي ۽ تحفظ سان ڪم ڪري ٿو. ڪمپني چيو آهي ته Astra اسان جو هن وقت تائين جو سڀ کان وڌيڪ هم آهنگ ((aligned ماڊل آهي، جنهن ۾ صارفين جي نيت کي سمجهڻ ۽ ماڊل جي رويي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، ان جي فيصلن تي وڌيڪ اعتماد سان اوهان ان کي ڪم ڏئي سگهو ٿا،Hugging ان کي جانچڻ لاءِ اسان هڪ نئون جائزو تيار ڪيو آهي، جيڪو حاصل ڪيل تجربي جي بنياد تي اهو جانچ ڪندو آهي ته ڇا ڪو ماڊل ڪنهن مشڪل يا ناممڪن ڪم کي منهن ڏيڻ وقت پنهنجي مخصوص حدن کان وڌي سگهي ٿو يا نه. GPT-5.6 Sol جي مقابلي ۾ جنهن پيداوار جي حفاظت کان سواءِ 48 سيڪڙو موقعن تي ڄاڻايل هدفن کي اورانگهيو، GPT-6 Astra اهڙين ٻڙي سيڪڙو معاملن ۾ ڪيو ويو. ماڊل اوپن اي آءِ جي ان صارفين لاءِ فراهم ڪيو پيو وڃي جيڪي ڪمپني جي سائبر سيڪيورٽي پروگرام Davbreak استعمال ڪن ٿا. ايندڙ هڪ هفتي اوپن اي آءِ جي بنا معاوضي جي پلانز جن ۾ پرو، پلس، انٽرپرائز ۽ بزنس اڪائونٽس شامل آهن، انهي سان گڏ ان جي API ذريعي به دستياب ٿي ويندو. اوپن اي آءِ جي صدر گريگ بروڪمن چيو ته ايسٽرا ڪمپني جو "اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ هوشيار ۽ سڀ کان وڌيڪ هم آهنگ ماڊل آهي.” هن چيو ته ماڊل "اسان جي سالن جي تحقيق ۽ وڏن فيصلن کي گڏ ڪري ٿو، جتي هر اڳڀرائي ايندڙ اڳڀرائي جي بنياد تي رکي” ۽ اهو "ان ڳالهه ۾ حقيقي تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو ته ماڻهو ڪهڙي قسم جو ڪم مصنوعي ذهانت کي ڏئي سگهن ٿا ۽ هي انهن کي ڪهڙي طرح بااختيار بڻائي سگهي ٿو.












