لاڙڪاڻي ۾ 06 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي راندين جو ميلو 8 کان 10 سيپٽمبر 2026ع تائين منعقد ٿيندو

لاڙڪاڻو - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ پڌرو ڪيو آهي ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي ”پاڪستان ڊفينس ڊي اسپورٽس فيسٽيول لاڙڪاڻو 2026ع“ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا. جاري ڪيل پڌرائي موجب 8 سيپٽمبر 2026ع اڱاري ڏينهن شام جو 6:30 وڳي محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ مقابلو ۽ 9 سيپٽمبر 2026ع اربع ڏينهن …

لاڙڪاڻو – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ پڌرو ڪيو آهي ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي پاران پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي ”پاڪستان ڊفينس ڊي اسپورٽس فيسٽيول لاڙڪاڻو 2026ع“ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا. جاري ڪيل پڌرائي موجب 8 سيپٽمبر 2026ع اڱاري ڏينهن شام جو 6:30 وڳي محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ مقابلو ۽ 9 سيپٽمبر 2026ع اربع ڏينهن شام جو  6:00 وڳي ساڳئي هنڌ هاڪي جو مقابلو منعقد ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح 10 سيپٽمبر 2026ع خميس ڏينهن صبح 11:00 وڳي آفيسر ڪلب لاڙڪاڻي ۾ گرلز بيڊمنٽن جا مقابلا ڪرايا ويندا. ان سلسلي ۾ ضلعي اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو طرفان راندين سان دلچسپي رکندڙ شهرين، رانديگرن ۽ معزز مهمانن کي 06 سيپٽمبر يوم دفاع جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ هن اسپورٽس فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.