پاڪستان سخت مالياتي، ساختي ۽ انتظامي سڌارن جي ذريعي مشڪل معاشي بحالي جي مرحلي کي ڪاميابي سان عبور ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اي ڊي بي جي نائب صدر سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته انتظامي رڪاوٽن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورسز جي ذريعي موثر قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان سخت مالياتي، ساختي ۽ انتظامي سڌارن جي ذريعي مشڪل معاشي بحالي جي مرحلي کي ڪاميابي سان عبور ڪيو آهي، انهن سڌارن جي نتيجي ۾ …

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته انتظامي رڪاوٽن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورسز جي ذريعي موثر قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان سخت مالياتي، ساختي ۽ انتظامي سڌارن جي ذريعي مشڪل معاشي بحالي جي مرحلي کي ڪاميابي سان عبور ڪيو آهي، انهن سڌارن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو جڏهن ته فچ، موڊيز ۽ ايس اينڊ پي سميت عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي لاءِ مستحڪم معاشي منظرنامي جي درجابندي ڪئي آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهندي ايشيا بابت نائب صدر ينگ منگ يانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ينگ منگ يانگ جي اعزاز ۾ ناشتي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي حصيداري جو جائزو ورتو ويو ۽ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ اسٽريٽجي (سي پي ايس) 2030 – 2026ع تحت ترجيحي شعبن ۾ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ينگ منگ يانگ جي ان حيثيت سان پاڪستان جي پهرين سرڪاري تي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ شهري بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ ۽ عوامي خدمتن جي اهم منصوبن جي تڪميل ۾ اي ڊي بي جي مسلسل پيشيواراڻي ڪارڪردگي ۽ وقت سر تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سخت مالياتي، ساختي ۽ انتظامي سڌارن جي ذريعي مشڪل معاشي بحالي جي مرحلي کي ڪاميابي سان عبور ڪيو آهي. انهن سڌارن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو جڏهن ته فچ، موڊيز ۽ ايس اينڊ پي سميت عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي لاءِ مستحڪم معاشي منظرنامي جي درجابندي ڪئي آهي. ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته انتظامي رڪاوٽن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورسز جي ذريعي موثر قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ ڪراچي کان پشاور تائين مين لائين – 1 (ايم ايل – 1) ريلوي لنگهه جي جديد رخن تي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو ويو جيڪا قومي بنيادي ڍانچي جي هڪ اهم ترجيح آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ايم ايل – 1 جي اپ گريڊيشن مال برداري جي نظام کي جديد بڻائڻ، علائقائي واپاري رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ وڏي صنعتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. ملاقات ۾ ايم ايل – 1 منصوبي تي جلد عملي ڪم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو ته جيئن بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ملڪ ۾ رابطن جي نظام کي جديد بڻائڻ جي عمل کي تيز ڪري سگهجي. مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ملاقات ۾ نجي شعبي ۽ ايس ايم ايز جي معاونت، توانائي ۽ غذائي تحفظ، روانگي واپار جي چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڪنٽري پارٽنرشپ اسٽريٽجي 2030 – 2026ع جي ترجيحن کي ٺوس ۽ موثر قدمن ۾ تبديل ڪيو ويندو جيڪي پائيدار معاشي ترقي کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي عوام جي زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.