اسلام آباد - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قلات ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ڪارروائي دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون …
صدر آصف علي زرداري پاران قلات ۾ فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قلات ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ڪارروائي دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون مسلسل ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي شڪست ڏني ويندي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











